شڪاري دور

شڪاري دور

شڪاري دور

شڪاري دور

شڪاري دور

شڪاري دور: پٿر جو قديم دور (Paleolithic) ٽيهه لک سالن کان ويهه هزار سالن تائين جو حصو چيو وڃي ٿو. شڪاري دور به ان جو حصو آهي. هن دور ۾ ماڻهن جي خوراڪ جو واحد ذريعو شڪار هو.
انساني نسل جڏهن جهنگ ٻيلا ڇڏي گاهه وارن ميداني علائقن ۾ رهڻ شروع ڪيو ته هنن پنڌ ڪرڻ به شروع ڪيو يعني کڙو ٿي پوين پيرن تي هلڻ لڳو ته سندن اڳيان چنبا (هٿ) آزاد ٿيا. جن سان پوءِ ٻج، ميوا ۽ پاڙون ڪٺيون ڪري، انهن تي گذارو ڪرڻ لڳو. انسانن جا دشمن (جانور) ان وقت ان ڪري کانئن طاقتور هوندا هئا جو کين بچاءَ جا طريقا نه ايندا هئا. انسان قد بت ۾ به وڏا هئا تنهن ڪري پاڻ کي لڪائي به نه سگهندا هئا. ان لاءِ پنهنجي بچاءَ لاءِ کين دماغ استعمال ڪرڻو پيو. اهڙي طرح تجربا ڪندا ۽ اوزار ٺاهيندا ويا. ابتدا ۾ غالباً ڪاٺيون، پٿر ۽ وڏا هڏا اوزار طور پنهنجي بچاءَ لاءِ استعمال ڪندا هئا. جيئن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي, تنهنڪري انسانن اوزارن جو استعمال سکي ورتو ۽ انساني دماغ وڌيڪ کلندو ويو. سڀ کان پهريان چقمقي پٿر مان وڍڻ، ڪپڻ ۽ چٿن جا اوزار ٺاهيا ويا. انهن مان ڪي تکي ڌار وارا اوزار به ٺاهيا ويا، جن سان ماڻهو گوشت ۽ ٻين شين کي ڪپي ڪوري استعمال ڪرڻ لڳو. اهڙا اوزار ايٿوپيا مان اومو (Omo) نديءَ وٽان ۽ اتر ڪينيا ۾ روڊولف ڍنڍ وٽان مليا. ان بعد هڪ بهتر اوزار ٺاهيو ويو جنهن کي هٿ ڪهاڙي (Hand Axe) چئجي ٿو. اندازو آهي ته ماڻهو باقاعدي شڪاري ٿيڻ کان اڳ به هلڪو ڦلڪو شڪار ڪيو هوندو, پر ان دور ۾ سندن مکيه خوراڪ ٻوٽا (نباتات) هئي. جڏهن به اوائلي انسان جي خوراڪ جو ذڪر ايندو ته ائين ئي چئبو ته هو شڪاري ۽ ڏوٿي (Hunter-gatherer) رهيو آهي. پر هٿيار جو بنياد شڪار ڪرڻ ۽ شڪار ٿيڻ کان بچاءَ لاءِ پيو. اڀو انسان (Homo Erectus) اڄ کان 5 لک سال اڳ جو ماڻهو آهي، جيڪو ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا ۾ وڏي پئماني تي پکڙيل هو ۽ دنيا ۾ لڳ ڀڳ 2 لک سالن تائين انسان جي اڳوڻن نسلن جي جاءِ والاريندو رهيو. اڄوڪي سڌريل انسان جي ڀيٽ ۾ اهو قديم نسل وارو انسان بدصورت هو، سندس ڏند وڏا، ڄاڙي ڳري، پيشاني پوئتي ۽ ڀرن وارو حصو اڳتي نڪتل هو. سندس ميڄالي جي سائز بن مانس جي ڀيٽ ۾ جديد انسان کي ويجهي هئي. هن باهه جو استعمال به ڪيو. روشني، گرمي ۽ شڪار جو گوشت پچائڻ لاءِ هن باهه جو استعمال ڪيو هوندو. هو مو ايرڪٽس جون هزارين هڏيون چين جي شهر بيجنگ ويجهو چوڪئشن غار مان لڌيون ويون. تحقيق مان خبر پئي ٿي ته هي نسل هاٿي، گينڊا، گهوڙا، جهنگلي سانَ، دلدلي مينهن، اٺ، جهنگلي سوئر، رڍون، هرڻ ۽ ڦاڙها وغيره شڪار ڪندو هو.
پيليوليٿڪ دور جي پڇاڙيءَ ۾ رهندڙ انسان پنهنجي وڏڙن جي ڀيٽ ۾ گهڻو ڪجهه سکي ورتو، هنن نوان هٿيار ٺاهيا ۽ ٿورو گهڻو آواز ڪڍي اشارن سان ڳالهائڻ به شروع ڪيو. ننڍن جانورن سان گڏ وڏن جانورن کي مارڻ جو فن به سکي ورتو. فرانس ۾ سوليوتري شهر ويجهو هڪ اڀي ٽڪري آهي، جنهن جي پاڙ ۾ هڪ لک کن گهوڙن جون هڏيون مليون آهن. ائين لڳي ٿو ته آخري برفاني دور جي شڪارين گهوڙن جو گوشت حاصل ڪرڻ لاءِ خاص طريقو استعمال ڪندي ٿوريءَ محنت سان گهڻو شڪار ڪيو. اندازي موجب جڏهن هنن اُڀي ٽڪريءَ مٿان ميدان تي گهوڙن جو ڌڻ ڏٺو هوندو، تڏهن هنن وڏا ٽولا ٺاهي ان ڌڻ کي اڀي ڪنڌيءَ ڏانهن هڪلي ڊوڙايو هوندو ۽ اهي گهوڙا هڪ هزار فوٽن جي اوچائيءَ تان هيٺ ڪري مري پيا هوندا. هتي لکين هڏيون ڏسي چئي سگهجي ٿو ته شڪارين اهو طريقو بار بار استعمال ڪيو هوندو.
اتر آمريڪا جي شڪارين پٿري نوڪ وارو هڪ اهڙو ڳرو نيزو ٺاهيو، جيڪو شڪار جي جسم ۾ کُپي پئي ويو. اهو پري کان شڪار ڪرڻ جو آوزار بڻيو. بولا (Bolas) آفريڪي قبيلن جو مخصوص هٿيار آهي جنهن ۾ 2 يا ٻن کان وڌيڪ پٿر هڪ مضبوط رسيءَ ۾ ٻڌي لڙهي ٺاهي کانڀاڻيءَ وانگر ڦيرائي شڪار جي ڄنگهن ۾ وچڙائي کين ڪيرايو ويندو هو. گهڻو پوءِ وري جڏهن تير ۽ ڪمان ٺاهيو ويو ته هٿيارن ۾ جدت شروع ٿي. جن سان پري ويهي شڪار ٿي سگهيو ٿي. اڪثر شڪار ٿيندڙ جانورن ۾ ڦاڙها، جهنگلي ڍڳو ۽ ننڍن جانورن ۾ مڇي شامل هئي. سنڌ ۾ مڇيءَ جي شڪار جا اوزار (ڪُنڍيون) ڪراچيءَ ۾ ڊرگهه نالي جي هڪ ماڳ جي ڀڪ مان مليا هئا. تحقيق موجب پيليوليٿڪ انسان جي خوراڪ ۾ مڇي نالي ماتر استعمال ٿي، جڏهن ته ميسوليٿڪ دور ۾، جيڪو يورپ ۾ جاگرافيائي اعتبار کان وڏي وڻڪار، ڍنڍن ۽ ڌٻڻين جو دور آهي، اتي مڇيءَ جي شڪار جا چٽا اهڃاڻ مليا آهن. تنهن هوندي به يورپ جو ميسوليٿڪ ماڻهو بنيادي طرح وڏن جانورن جو شڪاري نظر اچي ٿو. سنڌ ۾ پٿر جي دور جون ڪجهه آباديون اسان کي منڇر، ڪينجهر، تازي تحقيق مان روهڙي جي جابلو علائقي ۽ اڀرندي ڪناري لڳ ويرن ۾ ملن ٿيون. کير ٿر ۽ ڀرپاسي جي ماٿرين ۾ برساتي ندين ۾ موجود ڪنڀ ۽ چشما اڄ به مڇين سان ڀريل آهن.
جاگرافيائي حوالي سان ماهرن جي راءِ موجب سنڌ ۾ ميسوليٿڪ (وچوارو پاهڻي دور) ۽ نيوليٿڪ دور (نئون پاهڻي دور) اڄ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ برساتي هئا ۽ سنڌ ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ شاهوڪار هئي، هتي ساوڪ ۽ شڪار گهڻو هو. يورپ ۾ برفاني دور جي پڄاڻيءَ سان انهيءَ جا وڏا جانور جهڙوڪ: ميموٿ ۽ سانڀر به گم ٿي ويا. پوءِ اتي هرڻ ۽ جهنگلي سوئر ڦرڻ لڳا. اڳي ڌڻ ۾ ڀالو هڻبو هو ته ڪنهن هڪ جانور کي لڳندو هو پر جڏهن شڪار اڪيلو گهمڻ لڳو ته بهتر نشاني بازي ۽ اٽڪل جي ضرورت پئي. تير ڪمان، ميسوليٿڪ دور ۾ گهڻو استعمال ٿيو. پر ان جي محفوظ رهڻ ۽ اڄ تائين باقي رهڻ جو ڪارڻ، صرف اهو هو ته پاڻيءَ جي پکين ۽ جانورن تي استعمال ٿيڻ کانپوءِ اهي ڪنهن نموني وري استعمال ٿي پئي سگهيا. ماهرن وچولي پاهڻي دورن جون اڪثر آباديون پاڻيءَ جي ويجهو لڌيون آهن. سوئيڊن ۾ لوشلت وٽان هڪ خوبصورت تير مليو آهي جيڪو اڍائي فوٽ ڊگهو آهي. اهو 9000 سال قديم چيو وڃي ٿو. لڳ ڀڳ هي اهو دور هو جڏهن (سنڌ-بلوچستان) جي مهر ڳڙهه ثقافت قائم ٿي رهي هئي. ان تير جو مٿو چقمقي پٿرن جي ٻن ٽڪرن سان جوڙيو ويو هو. ماهرن کي جانورن کان علاوه ڪن انساني ڍانچن مان به تير مليا آهن. يعني ان دؤر جا ماڻهو پاڻ ۾ٿيندڙ جنگين ۾ به تير استعمال ڪندا هئا.
پاڪستان ۾ اوائلي پٿر جي دور جا سڀ کان پراڻا ماڳ سوان ماٿريءَ ۾ راولپنڊيءَ کان سنڌو نديءَ تائين پنجن ڇهن ماڳن تي لڌا ويا آهن. گهاگهر نديءَ تي ڏهاڪو کن ۽ ستلج نديءَ وٽ ڪشمير ۾ به ايترا ئي ماڳ مليا آهن. سنڌ جي ڏکڻ ۾ ڪڇ واري علائقي ۾ چئن ماڳن جي نشاندهي ٿيل آهي. هندستان ۾ ڪل اڍائي سئو کن پيليوليٿڪ ماڳ موجود آهن. ڪشمير مان ڪيترا شڪاري اوزار زمين جي مٿاڇري يا وري ندين جي ڪنڌين تي پکڙيل پٿرن مان لڌا ويا آهن. صوبي خيبر پختونخواهه ۾ مردان ڀرسان ‘سنگهائو’ نالي هڪ غار مشهور آهي، ان غار مان اوائلي پٿر جي وچين زماني جا اوزار، هڏيون ۽ ڪوئلو ججهي تعداد ۾ مليو آهي. ڪوئلو باهه جي نشاندهي ڪري ٿو، غالباً غارن ۾ رهندڙ شڪاري انسان باهه تي گوشت پچائڻ جو هنر به سکي ويا هئا. هاڻي (2013ع) ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي کاتي طرفان ڪيل پڙتال موجب روهڙي ٽڪرين ۾ به ڪيترائي پٿري دور جا ماڳ مليا آهن، جن تي تحقيق هلندڙ آهي.
قديم ۽ جديد انسان جي تهذيب ۾ خاص فرق خوراڪ جو آهي. قديم انسان خوراڪ گڏ ڪندو هو ۽ اڪثر شڪار تي گذر سفر ڪندو هو. جڏهن ته جديد انسان خود خوراڪ پيدا ڪرڻ شروع ڪئي هئي ۽ گهر، ڳوٺ ۽ شهر ٺاهي هڪ هنڌ رهڻ لڳو. سنڌ ۾ آمري ۽ بلوچستان ۾ مهر ڳڙهه جا آثار قديمه انهيءَ دور جي ڳوٺاڻي تهذيب جا آهن، جڏهن ته ڪوٽڏيجي، هڙپا ۽ موهن جي دڙي وارا آثار شهري تهذيب جي نشاندهي ڪن ٿا. آثار قديمه جي ماهرن موجب مهر ڳڙهه هڪ درمياني پکيڙ ۽ مناسب آباديءَ وارو ترقي يافته شهر هو، جتي دفاعي ۽ شڪاري ضرورتن جون شيون ٺاهيون وينديون هيون. پٿر جا گولا کانڀاڻيءَ سان اڇلائي دفاع يا شڪار ڪيو ويندو هو. موهن جي دڙي مان مليل ڪجهه مهرن تي اڪريل شڪلين ۾ به شڪاري ڏيکاريل آهن، جيڪي جهنگلي ٻڪري ۽ ڪن وڏن واڳن جو تير ڪمان سان شڪار ڪري رهيا آهن، مڇي مارڻ ۽ پکي ويڙهائڻ جا اشارا به ملن ٿا.
هاڻي شڪار هن جديد دور ۾ رڳو وندر جي صورت ۾ ڪيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ شڪار ڏڦن، ڀالن، ترارين، بازن ۽ ڄارين سان ٿيندو هو، هن وقت جديد هٿيار استعمال ٿين ٿا. سنڌ ۾ گهڻو ڪري شڪار لاءِ ڦاڙها، مرون، چراخ، بگهڙ، سيڙهون، گڊ، سرهه، هرڻ، گهٽا، واڳون ۽ سيسر شڪار ٿين ٿا، جڏهن ته پکين ۾ تلور، ڪونجون، مور، تتر، ٻٽيرا، آڙيون، نيرگيون وغيره ماريا وڃن ٿا. شڪار اڪثر شاهي خاندانن ۽ اميرزادن جو شوق رهيو آهي، جنهن کي هن دور ۾ هڪ راند يا تفريح جو ذريعو بڻايو ويو آهي. جڏهن ته سرڪار جو جهنگلي جيوت کاتو شڪار لاءِ خاص پرمنٽون مخصوص مندن ۾ جاري ڪري ٿو.


لفظ شڪاري دورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو